ٻنڌڻ ۽ نرمان

ٻنڌڻ ۽ نرمان (ڪتاب ):’ٻنڌڻ ۽ نرمان‘ برک ڪھاڻيڪار لعل پشپ جي ڪھاڻين جي مجموعي جو نالو آھي، جيڪو ھن 1965ع ۾ شايع ڪرايو، سندس ٻيو مجموعو ”دائرو“ آھي، لعل پشپ، پنھنجي شاھڪار ڪھاڻيءَ ”ٻنڌڻ ۽ نرمان“ ۾، مجرد ۽ بي اولاد ماڻھن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ان نتيجي تي پھتو آھي ته زال ۽ ٻارڙا ھڪ طرح سان انساني زندگيءَ جي نظم ۽ ضبط جا اھڃاڻ آھن، جن کان سواءِ زندگي بي مقصد لڳي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو